محمد ابراهيم ٽکڙائي

ٽکڙائي، محمد ابراهيم: حافظ ”حامد“ جو ٽيون فرزند محمد ابراهيم، اٽڪل 1288هه/ 1871ع ڌاري، اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ئي نهايت حليم الطبع ۽ سادو سودو هوندو هو. والد جي وفات کان پوءِ پنهنجي ڀاءُ محمد دائود سان گڏ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڀرتي ٿيو. مگر ٻن ٽن سالن جي ملازمت کان پوءِ دل کٽي ٿي پيس ۽ نوڪري ڇڏي اچي ڳوٺ ويهي رهيو. پنهنجي گذر اوقات لاءِ ڪو هٿ پير ڪونه هنيائين، ڄڻ ته سندس روز ڪو الستي هو. گاهي گاهي شعر گوئي ڪندو هو. سندس طبيعت رندانه ۽ طريقو قلندراڻو هو. سندس ڪلام ۾ چند غزل ۽ ڪافيون آهن. محمد ابراهيم 1353هه/ 1934ع ۾ 65 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1871.00.00  عيسوي

محمد ابراهيم اٽڪل 1288هه/ 1871ع ڌاري اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو


1934.00.00  عيسوي

محمد ابراهيم 1353هه/ 1934ع ۾ 65 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبد بن حميد
ثابت بن دحداح
ڄام صادق علي (سياستدان )
پنجل مير بحر
طالب الله مخدوم
پهلوان شير ميربحر
اشفاق احمد
راجا رنجيت سنگهه
رسول بخش خان مغل
رمضان بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون